52

پي ٽي آءِ ۾ ٽڪيٽن جي ورهاست تي اختلاف: صدر انصاف لائرز فورم جي مبينه آڊيو سامهون اچي وئي

پشاور: پاڪستان تحريڪ انصاف پي ٽي آءِ ۾ ٽڪيٽن جي ورهاست جي معاملي تي اختلاف سامهون اچي ويا آهن.

ٽڪيٽن جي ورهاست ۾ اختلافن جي حوالي سان انصاف لائرز فورم جي مرڪزي صدر قاضي انور جي مبينه آڊيو به سامهون اچي وئي آهي جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان منهنجي فهرست تي عمل ڪرڻ جو چيو هو پر هاڻ عارضي چيئرمين بيرسٽر گوهر 3 ڏينهن کان منهنجو فون نه پيو کڻي.

قاضي انور آڊيو ۾ چئي رهيو آهي ته ٻڌو آهي ته وڪيلن کي ٽڪيٽ ڏيڻ لاءِ پارٽي انڪار ڪري رهي آهي. سڀاڻي ٽڪيٽن جو  اعلان ٿيندو جيڪڏهن اسان سان انصاف نه ٿيو ته آئنده جو لائحه عمل سڀاڻي طئي ڪنداسين.

ٻئي پاسي نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي انصاف لائرز فورم جي مرڪزي صدر قاضي انور ٻڌايو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان مون کي پاڻ چيو هو ته ٽڪيٽون وڪيلن کي ڏنيون وينديون پر هاڻ پارٽي ٽڪيٽ اڳوڻن اسيمبلي ميمبرن کي ڏيڻ چاهي ٿي.

قاضي انور چيو ته 9 مئي واقعن کان پوءِ سڀني کان وڌيڪ قربانيون انصاف لائرز فورم جون آهن. ٽڪيٽون آءِ ايل ايف ميمبرز کي ئي ملڻ گهرجن. انهن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندس جيڪڏهن مطالبا نه مڃيا ويا ته مون کي صدر رهڻ جو ڪوبه اختيار نه آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں