56

عمران خان سياست ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو هاڻ اهو ڀوڳي رهيو آهي: بلاول ڀٽو

اسلام آباد: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان پنهنجن ڪيل ڪرتوتن جي ڪري جيل ۾ آهي هن سياست ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو اهو هاڻ ڀوڳي رهيو آهي.

اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي موت جي سزا خلاف صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي تي آيل اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اڄ اسان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ريفرنس تي ٻڌڻي تي پهتا آهيون اسان سمجهون ٿا ته تاريخ کي غلط قرار نه ڏنو وڃي اسان تاريخ کي صحيح ڪري سگهون ٿا.

بلاول ڀٽو چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪيس جو جهڙي طرح فيصلو ڪرايو ويو آهي، تاريخ ان جي گواهه آهي، اميد آهي ته 12 سالن کان پوءِ هن ڪيس ۾ پيپلز پارٽي کي انصاف ضرور ملندو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ لاءِ موقعو آهي ته پنهنجي اداري جا داغ ڌوئي. ذوالفقار علي ڀٽو ڪيس جي اڄ تائين مثال نه ڏني وئي آهي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو گذريل هفتي سينيٽ ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت منظور ڪيل قرارداد تي رد عمل ڏيندي چيو ته عوام ووٽ ڏيڻ جي تياري ڪري. گڏيل قومن مان به قرارداد پاس ڪرائي وٺو. چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون. چيف جسٽس چئي چڪو آهي ته پٿر تي لڪير آهي ته 8 فيبروري تي چونڊون ٿينديون. چيف جسٽس جي ڳالهه ۾ وڌيڪ وزن آهي يا ڪجهه سينيٽرز جي.

بلاول ڀٽو پي ٽي آءِ باني تي تنقيد ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ باني پاڻ چوندو هو ته ادارا آزاد آهن هاڻ هو پنهنجي صفائي پاڻ پيش ڪري. سياست ۾ جيڪا روايت وڌي وئي ان لاءِ پي ٽي آءِ باني کي توبهه ڪرڻي پوندي. سڀني کان وڌيڪ نامزدگي ڪاغذ 2013 ۾ رد ٿيا. جڏهن پي ٽي آءِ باني کي آندو پئي ويو. اسان کي پنهنجون غلطيون مڃڻ گهرجن ۽ رويي کي صحيح ڪرڻ گهرجي.

اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته اسان کي ذاتي انا جي سياست کي دفن ڪري بهتر مستقبل جو بندوبست ڪرڻو پوندو. پي ٽي آءِ باني جو هاڻ موقف اچڻ گهرجي ته ڇا سمورن سياستدانن کي اهڙي طرح جي سزا ملڻ گهرجي. اڄ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ماضي کان خراب نه ٿي رهيو آهي. ماضي  ۾ اڄ کان وڌيڪ خراب صورتحال هئي. چاهيون ٿا ته سموريون سياسي پارٽيون تاريخ مان سبق سکي اڳيان وڌن. جيستائين ليول پليئنگ فيلڊ جي ڳالهه آهي ته هر چونڊن ۾ درستگي جي گنجائش رهي آهي. اسان به اهوئي چاهيون ٿا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں