40

صحافين کي حراسان ڪرڻ جو ڪيس: اهو ڪير پراسرار آهي جيڪو ملڪ کي هلائي رهيو آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد: چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ صحافين کي حراسان ڪرڻ جي ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته اهو ڪير پراسرار آهي جيڪو ملڪ کي هلائي رهيو آهي.

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ صحافين کي حراسان ڪرڻ ۽ ايف آءِ اي طرفان نوٽيسز اماڻڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي جي شروعات تي عامر مير جي وڪيل جهانگير جدون ڪالهوڪو حڪم نامو پڙهندي چيو ته عامر مير ڪيس ۾ عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿيو آهي. حڪومت کان ان جي باري ۾ پڇيو وڃي جسٽس فائز سوال ڪيو ته ڪهڙي حڪومت کان پڇون؟ وڪيل جواب ڏنو ته وفاقي حڪومت کان پڇو.

چيف جسٽس اڳوڻي ايڊووڪيٽ جنرل کي چيو ته پوءِ آرڊر به اوهان جي خلاف پاس ٿيندو. ڇا اوهان جو موڪل هڪ وزير آهي؟ جهانگير جدون جواب ڏنو ته جي ها اهو وزير آهي.

جسٽس فائز سوال ڪيو ته ڇا اهو بطور وزير آهي يا مددگار آهي؟ وڪيل جواب ڏنو ته جي اهو آهي. چيف جسٽس سوال ڪيو ته پوءِ اهو ڪير پراسرار آهي جيڪو ملڪ کي هلائي رهيو آهي؟ وڪيل ٻڌايو ته سڀني کي خبر آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اهڙيون  ڳالهيون نه ڪريو هي عدالت آهي راندين جو ميدان نه آهي.

صحافين طرفان گڏيل درخواست داخل نه ٿيڻ تي چيف جسٽس ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته جيستائين لکت ۾ اسان جي سامهون ڪجهه نه ايندو اسان آرڊر ڪيئن جاري ڪريون. هاڻ سپريم ڪورٽ ۾ 3 رڪني ڪميٽي ئي طئي ڪندي آهي ڇا صحافين ڪا نئين درخواست داخل ڪئي آهي؟ صحافي عقيل افصل ٻڌايو ته اسان کي اڃان تائين فهرست ئي نه ملي آهي ته ڪهڙن صحافين جي خلاف ڪارروائي آهي.

جسٽس فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته اٽارني جنرل صاحب ڪالهه اسان احتياط سان ڪم وٺندي ڪوبه آرڊر پاس نه ڪيو؟ مسئلو اهو آهي ته ڪوبه ماڻهو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. اسان کي اميد هئي ته اڄ ڪوبه صحافي سي ايم اي فائل ڪندو. اسان کي ڪو ڪاغذ ته ڏيکاريون، اسان هن ڪيس ۾ ڪيئن اڳيان وڌون. جيستائين ججز ڪميٽي ۾ معاملو نه هلايو ويندو. عدالت ڪوبه حڪم جاري نٿي ڪري سگهي.

جنهن کان پوءِ عدالت پي ايف يو جي کي لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي مارچ جي پهرين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں