36

ملڪ جي بنياد معيشت تي هوندي آهي، اها اڳيان وڌندي ته سڀني کي فائدو ٿيندو: جهانگير ترين

ملتان: استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين چيو آهي ته ملڪ ۽ قوم جي بنياد معيشت تي هوندي آهي، معيشت اڳيان وڌندي ته سڀني کي فائدو ٿيندو.

ملتان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته لودهران جي عوام طرفان ڀروسي جي اظهار تي سندن ٿورائتو آهيان هي هميشه منهنجو گهر رهيو آهي سياست پنهنجي گهر ملتان مان شروع ڪندس. جهانگير ترين چيو ته معيشت اڳيان وڌندي ته سڀني کي فائدو ٿيندو ملڪ ۽ قوم جي بنياد معيشت تي هوندي آهي. معيشت بهتر  هوندي ته آمدني به وڌندي.

هن چيو ته معيشت تي هر ملڪ جي بنياد هوندي آهي، واعدو ڪريان ٿو ته پنجاب ۽ پاڪستان جي لاءِ محنت ڪندس. جهانگير ترين چيو ته مون کي خوشي ٿي رهي آهي ته مون هتي اچڻ جو فيصلو ڪيو اوهان فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي ته اسان ٿورا به آهيون پر ان باوجود حاوي آهيون. استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ چيو ته آبادي کي صحيح استعمال ڪندو ته اها ملڪ کي اڳيان کڻي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں