28

سڀاڻي کان برساتن جو سلسلو 4 ڏينهن جاري رهندو

ڪراچي: موسميات کاتي سڀاڻي کان ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اولهه هوائن جو سلسلو ملڪ تي اثرانداز ٿي رهيو آهي جيڪو 4 فيبروري تائين جاري رهندو.

31 جنوري کان 4 فيبروري تائين خيبرپختونخوا جي مختلف ضلعن ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي، اسلام آباد، پوٽوهار، مري ۽ گليات ۾ به برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 2 کان 3 فيبروري تائين تيز برسات پوندي، بلوچستان جي ڍنڍن ڍورن ۾ چاڙهه جو خطرو آهي، 31 جنوري کان پهرين فيبروري دوران ڪاغان، سوات، ڪوهستان، اسڪردو، ايبٽ آباد ۽ نيلم ماٿري ۾ برسات ۽ برفباري سان رستا بند ٿيڻ جو خدشو آهي.

موسميات کاتي طرفان برسات ۽ برفباري دوران سياحن کي محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

موسميات کاتي موجب برسات پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي مٿانهن علائقن ۾ فصلن لاءِ فائديمند ٿيندي، برسات سبب ڪوهيڙ ۾ گهٽتائي ٿيندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں