41

اليڪشن ڪميشن نگران حڪومت کي ايف بي آر ۾ سڌارن کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان نگران وفاقي حڪومت کي ايف بي آر ۾ سڌارن کان روڪي ڇڏيو.

اڱاري ڏينهن نگران وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ ڪابينه ايف بي آر جي نئين سر جوڙجڪ ۽ سڌارن جي سمري جي منظوري ڏني هئي.

پر اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ايف بي آر ۾ سڌارن کان روڪي ڇڏيو آهي.

ايف بي آر سڌارن جي وفاقي ڪابينه جي فيصلي تي اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري ڊاڪٽر سيد آصف حسين وزيراعظم جي سيڪريٽري ڪيپٽن رٽائرڊ خرم آغا کي خط ۾ چيو ته خبرن ۾ آيو آهي ته آرڊيننس ذريعي ايف بي آر ۾ سڌارا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته نگران حڪومت جو اسڪوپ آئين ۽ اليڪشن ايڪٽ ۾ واضح آهي، ايف بي آر جا سڌارا اهم پاليسي فيصلي ۾ شامل هوندا آهن، ايف بي آر جي سڌارن جو معاملو چونڊيل حڪومت جو اختيار آهي.

اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري جي خط موجب اليڪشن ڪميشن کي انهن ڪمن جي نشاندهي به ڪرڻي هوندي آهي، جيڪا نگران حڪومت نٿي ڪري سگهي، وزيراعظم کي صلاح ڏني وڃي ته هو ايف بي آر ۾ سڌارا نه ڪري، ايف بي آر ۾ سڌارن جو جائزو عام چونڊن کانپوءِ چونڊيل حڪومت تي ڇڏيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں