46

پ پ صرف عوام جي لاءِ سياست ڪري رهي آهي، ٻيون پارٽيون اشرافيه کي سهولتون ڏينديون آهن: آصفه ڀٽو

حيدرآباد:  شهيد  بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو آهي ته حيدرآباد ۾ ڀٽو جو نعرو ۽ تير جو نشان رهندو. بينظير ڀٽو جو نعرو حيدرآباد جي سڃاڻپ آهي. پ پ صرف عوام جي لاءِ سياست ڪندي آهي ٻيون پارٽيون اشرافيه کي سهولتون ڏينديون آهن.

عام چونڊن جي سلسلي ۾ آصفه ڀٽو پيپلز پارٽي جي ريلي سان گڏ سنڌ جي مختلف شهرن جو دورو ڪري رهي آهي. پيپلز پارٽي جي  ريلي ڄام خان شورو جي رهائشگاهه تي پهتي جتي سندس پرجوش استقبال ڪيو ويو ۽ ڪارڪنن طرفان گل نڇاور ڪيا ويا.

ڪالهه آصف ڀٽو زرداري جي بدين پهچڻ تي  آجيان لاءِ پينافليڪس لڳايا ويا، سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا. آصفه ڀٽو بدين ۾ موجود پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن کي خطاب پڻ ڪيو. جيالن کي هٿن ۾ پارٽي جا جهنڊا کنيل هئا. ڪيترن ئي جيالن طرفان پارٽي جي گيتن تي رقص پڻ ڪيو ويو.

ريلي جي اڳواڻي آصفه ڀٽو ڪري رهي آهي. هن پنهنجي خطاب دوران جيالن کان نعرا لڳرايا. هن چيو ته حيدرآباد ۾ ڀٽو جو نعرو هميشه رهندو. بينظير ڀٽو جو نعرو حيدرآباد جي سڃاڻپ آهي. حيدرآباد جو نشان هاڻ تير هوندو.

آصف ڀٽو وڌيڪ چيو ته پ پ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مدد سان عورتن جي مالي مدد ڪري رهي آهي. پيپلز پارٽي صرف عوام جي لاءِ سياست ڪري رهي آهي. ٻيون پارٽيون صرف اشرافيه کي سهولتون ڏينديون آهن. هن چيو ته بلاول ڀٽو وزيراعظم بڻجو ته عوام  جون پگهارون ٻيڻيون ڪندو. اسان واعدو ڪريون ٿا ته 300 يونٽ تائين بجلي مفت ڏينداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں