83

نگران حڪومت مهانگائي جي ستايل عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو، 13 روپيه 55 پئسا واڌ جي منظوري

اسلام آباد: نگران حڪومت مهانگائي جي ماريل عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو آهي. پيٽرول جي قيمت ۾ في ليٽر 13 روپيه 55 پئسا واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي.

وفاقي ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ في ليٽر 13 روپيه 55 پئسا واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي جنهن کان پوءِ پيٽرول جي في ليٽر نئين قيمت 272 روپيه 89 پئسا ٿي وئي آهي.

ڊيزل جي قيمت ۾ في ليٽر 2 روپيه 75 پئسا واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي. واڌ کان پوءِ ڊيزل جي نئين في ليٽر قيمت 278 روپيه 96 پئسا ٿي وئي آهي.

24 پئسا گهٽ ٿيڻ کان پوءِ گاسليٽ جي نئين قيمت 186 روپيه 62 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. 2 روپيه 3 پئسا واڌ سان لائٽ ڊيزل آئل جي نئين قيمت 166 روپيه 86 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. نگران وزيراعظم پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں