67

موسميات کاتي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ 3 فيبروري کان برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا

ڪراچي: موسميات کاتي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ 3 کان 4 فيبروري دوران کنوڻ سان گڏ تيز برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا آهن. موسميات کاتي موجب نئين مغربي لهر اڄ بلوچستان مان داخل ٿيڻ جو امڪان آهي جنهن سبب 3 ۽ 4 فيبروري جي دوران ڪراچي ۾ کنوڻ سان برسات پئجي سگهي ٿي.

موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ جمعي جي رات هلڪي برسات پوڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته سسٽم جي اثر هيٺ سنڌ جي ٻين ضلعن ڄامشورو، دادو، لاڙڪاڻو، قمبرشهدادڪوٽ سميت ٻين شهرن ۾ 3 فيبروري کان برسات شروع ٿي سگهي ٿي. اهڙي طرح ٽنڊومحمدخان، ٿرپارڪر، ٺٽي ۾ 3 ۽ 4 فيبروري جي دوران برسات پوڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب اڄ ڪراچي جو موسم جهڙالو رهڻ جي اميد آهي جڏهن ته شهر ۾ بلوچستان مان اتر ۽ اوڀر جون هوائون داخل ٿيڻ کان پوءِ ٿڌ ۾ واڌ جو امڪان آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں