41

ايم ڪيو ايم جي مئل گهوڙي کي خوراڪ ڏئي زنده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: مراد علي شاهه

حيدرآباد: سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مراد علي شاهه ايم ڪيو ايم پاڪستان کي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم هڪ مئل گهوڙو بڻجي چڪي آهي، خوراڪ ڏئي کيس ٻيهر زنده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

حيدرآباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي اڳوڻي وڏي وزير چيو ته اليڪشن جي موجوده صورتحال ۾ هڪ ئي اڳواڻ آهي جيڪو سموري پاڪستان ۾ جلسا ڪري رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري واحد اڳواڻ آهي جيڪو پنهنجي پروگرام ۽ پنهنجي سوچ عوام کي ٻڌائي رهيو آهي. ٻيا ته اڃان تائين ماضي ۾ ڦاٿل آهن ته اسان کي ڇو ڪڍيو ويو.

ڪراچي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪندي مراد علي شاهه   چيو ته مان جڏهن ڪراچي ۾ اسڪول ۾ هئس ته ڀتي کان سواءِ گذرڻ نه ڏنو ويندو هو هاڻ اهو دور آهي ته ٻين کان خيرات گهري رهيا آهن ته اسان کي چونڊون کٽرايو.

سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ مئل گهوڙو بڻجي چڪي آهي. ان کي خوراڪ ڏئي زنده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ايم ڪيو ايم اها پارٽي آهي جيڪا هڪ هنڌ نه رهندي آهي عوام  انهي کي ووٽ ڏئي جيڪا اوهان جو ووٽ ضايع نه ڪري.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں