43

برسات سبب ڪراچي جهڙي حالت لاهور جي هجي ها ته چونڊن تان هٿ کڻي وڃان ها: شهباز شريف

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته تحريڪ انصاف وارن کي گهرجي ته اهي پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏيڻ جي بجاءِ هاڻ ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ تي ووٽ ڏين.  جيڪڏهن هاڻوڪي پوندڙ برسات سبب ڪراچي جهڙي حالت لاهور جي ٿئي ها ته مان چونڊن تان هٿ کڻي وڃان ها.

اڳوڻي وزيراعظم لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان جي دور ۾ ڪرپشن گهٽ ٿي، ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل سميت عالمي ادارا به گواهي ڏئي رهيا آهن ته عمران خان جي دور ۾ ڪرپشن جو پئسو هر طرف هليو، پي ٽي آءِ جي دور ۾ هڪ سر به نه لڳي. ان باوجود ڪرپشن انڊيڪس وڌي ويو. ٽرانسپرنسي جي رپورٽ مان ثابت ٿي ويو آهي ته چور ڪير آهي. تحريڪ انصاف وارا هاڻ پنهنجي پارٽي جي بجاءِ ٽرانسپرنسي جي رپورٽ تي ووٽ ڏين.

شهباز شريف چيو ته نوازشريف 1997ع ۾ موٽر وي ٺاهيو،  جنهن جي ڪري اسان جي مٿان ڪرپشن جا الزام لڳايا ويا پر ڪوبه الزام ثابت نه ٿي سگهيو.  ڌاندلي ذريعي آيل حڪومت اسان تي بدترين ڪرپشن جا الزام لڳايا. چور، ڌاڙيلن جو ورد ڪري هن ملڪ کي تباهه ڪيو ويو جنهن کي سنڀالڻ هاڻ مشڪل آهي. منهنجي خلاف هڪ ٽڪي جي ڪرپشن ثابت ٿي وڃي ته پنهنجا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي ڇڏيندس.

هن ٻڌايو ته ثاقب نثار مون کي گهرائي چيو ته اوهان بجلي جي لاءِ ڇا ڪيو؟ مون جواب ۾ چيو ته اوهان ٿڌي ڪمري ۾ ائين ئي ويٺل آهيو؟ شهباز شريف چيو ته عمران نيازي چوندو هو ته مان هنن کي نه ڇڏيندس، هنن کي روئاڙيندس، اهڙيون ڳالهيون ڪڏهن به نوازشريف نه ڪيون. جيڪڏهن رب پاڪ نوازشريف کي مينڊيٽ ڏنو ته گوڙ ۽ افراتفري کي دفن ڪري ڇڏينداسين. هن چيو ته عام چونڊن دوران ڪروڙين ٻار ۽ ٻارڙيون ووٽ وجهڻ ويندا، پاڪستان جو مستقبل هن چونڊن سان جڙيل آهي ملڪ جو حڪمران ڪير بڻجندو 8 فيبروري تي عوام فيصلو ڪندي.

برسات دوران ڪراچي پاڻي هيٺ اچڻ جي باري ۾ ڳالهيون ڪندي شهباز شريف چيو ته ڪراچي سمنڊ بڻيل آهي مون اڳ ئي چيو هو ته بلاول سان مناظرو نه ڀيٽ ٿيڻ گهرجي. ڪالهه ڪراچي جي ڀيٽ ٿي وئي ڪالهه ڪراچي جي برسات جي پاڻي، سمنڊ سان ڀيٽ ٿي وئي. جيڪڏهن برسات کان پوءِ اها صورتحال لاهور ۾ ٿئي ها ته مان چونڊن تان هٿ کڻي بلاول کي چوان ها ته منهنجي تڪ تان اچي چونڊن ۾ حصو وٺي.

هن چيو ته بلاول ڀٽو سان سٺا لاڳاپا رهيا آهن هو جتان چاهي چونڊن ۾ حصو وٺي، چونڊون وڙهڻ جو هر هڪ کي حق حاصل آهي. ڪوبه چونڊن ۾ حصو وٺي پنهنجي مهم هلائي، بينرز لڳائي پنهنجا ڪيس پيش ڪري پر پئسن سان ووٽ خريد ڪرڻ ووٽ جي بدترين توهين آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں