42

ملڪ ۾ ڪيترائي ڀيرا آئين ٽوڙڻ باوجود ڪنهن جو به احتساب نه ٿي سگهيو: جسٽس اطهر من الله

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪيترائي ڀيرا آئين کي ٽوڙيو ويو پر آئين جي ٽوڙڻ تي ڪنهن جو به احتساب نه ٿي سگهيو.

اهڙن خيالن جو اظهار هن لنڊن ۾ فيوچر آف پاڪستان ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته عدليه جيڪو ڪيو. اسان ان جو دفاع نه ڪنداسين پر اميد آهي ته نوجوان مثبت تبديلي آڻيندا.

جسٽس اطهر من الله چيو ته عدالت جو امتحان آهي ته عوام جو ڀروسو بحال رهي، فيصلن تي عمل ٿيڻ گهرجي. اظهار جي آزادي کي دٻائڻ سبب اسان اڌ ملڪ وڃائي ڇڏيو. اسان جي معاشري ۾ را3 جو اظهار ٿيڻ انتهائي ضروري آهي.

عام چونڊن 2024 جي حوالي سان هن چيو ته اليڪشن صرف اليڪشن نه پر اليڪشن جينوئن ٿيڻ گهرجي. 8 فيبروري کان پوءِ ئي ان جي باري ۾ چئي سگهجي ٿو ته چونڊون ڪيئن ٿيون.

سپريم ڪورٽ جي جج وڌيڪ چيو ته اسان کي بطور قوم اهو سوچڻو پوندو ته جڏهن به ڪو مسئلو بلوچستان يا ڪي پي ڪي ۾ هوندو آهي ته اهو مسئلو نه هوندو آهي پر جيڪڏهن ڪوبه مسئلو پنجاب ۾ هجي ته اهو مسئلو بڻجي ويندو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں