41

خواجه سعد رفيق پي ٽي آءِ کي پ پ سان ملي وفاقي حڪومت ٺاهڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

لاهور: پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻ خواجه سعد رفيق تحريڪ انصاف کي پيپلز پارٽي سان گڏجي وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ(ايڪس) تي سعد رفيق بيان ڏنو ته موجوده قومي اسيمبلي ۾ ڪنهن کي به اڪثريت حاصل نه آهي. وفاقي حڪومت جي جوڙجڪ مسلم ليگ(ن) جي نه پر پارليامينٽ ۾ موجود سمورين پارٽين جي گڏيل ذميواري آهي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ حمايت يافته آزاد ميمبر اڳرائي ڪن. پيپلز پارٽي سان ملي مرڪزي حڪومت ٺاهين اسان کين مبارڪباد پيش ڪنداسين. مسلم ليگ(ن) کي ڪنڊن جو تاج پنهنجي مٿي تي سجائڻ جو ڪوبه شوق نه آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں