42

مولانا فضل الرحمان جي پٽ جي تڪ ۾ 6 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر پولنگ، فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد: جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي پٽ اسد محمود جي تڪ اين اي 43 ۾ 6 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر پولنگ جي  لاءِ وفاقي ڪابينه فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري  ڏئي ڇڏي آهي.

قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 43 ٽانڪ ڊيره اسماعيل خان جي 9 پولنگ اسٽيشنن تي 10 فيبروري تي ٻيهر پولنگ ٿيندي. گهرو وزارت جي سمري تي وفاقي ڪابينه سرڪيوليشن ذريعي فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري حاصل ڪئي وئي. آئين جي آرٽيڪل 220 ۽ 245 جي تحت امن امان کي يقيني بنائڻ لاءِ فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.

پولنگ جي موقعي تي امن امان جي امڪاني خرابي کي نظر ۾ رکندي اهڙين حساس پولنگ اسٽيشنن تي فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي پر پولنگ اسٽيشنن تي فوجي دستن جو تعداد ۽ مقرري جو هنڌ اليڪشن ڪميشن طئي ڪندي.

ياد رهي ته 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار داور خان ڪنڊي 63 هزار 556 ۽ اسد محمود 62 هزار 730 ووٽ حاصل ڪيا هئا. اين اي 43 ٽانڪ ۾ مولانا فضل الرحمان جي پٽ اسد محمود جي حق ۾ مسلم ليگ(ن) ۽ اي اين پي جا اڳواڻ چونڊن تان هٿ کڻي ويا هئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں