48

مريد ڪي: جي ٽي روڊ تي ڪار ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، هڪ ئي خاندان جا 6 ڄڻا اجل جو شڪار

لاهور: مريد ڪي ڀرسان جي ٽي روڊ تي ڪار ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا 6 ڄڻا اجل جو شڪار جڏهن ته 3 سخت زخمي ٿي پيا آهن.

ريسڪيو ذريعن موجب حادثو مريد ڪي جي ٽي روڊ، راوي ريان يوٽرن تي تيز رفتاري سبب پيش آيو جتي هڪ ٽرڪ يو ٽرن وٺڻ کان پوءِ ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪار سان ٽڪرائجي وئي.

اطلاع ملڻ تي ريسڪيو عملو موقعي تي پهچي ويو. حادثي ۾ فوت ٿيلن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ريسڪيو ذريعن موجب حادثي ۾ فوت ٿيلن ۾ شهباز، ظهير عباس، ارم شهزادي، عبدالوهاب، ايان ۽ ايمان فاطمه شامل آهن.

ريسڪيو ذريعن موجب حادثي جي نتيجي ۾ نسيم، خديجه ۽ شميم سميت 3 عورتون زخمي ٿي پيون. حادثي جو شڪار خاندان ملتان کان گوجرانوالا وڃي رهيو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں