53

پي ٽي آءِ کي حڪومت ٺاهڻ ڏيو، جاويد لطيف(ن) ليگي قيادت کي مشورو ڏئي ڇڏيو

لاهور: پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻ جاويد لطيف پي ٽي آءِ جي باري ۾ چيو آهي ته جنهن پارٽي کي مرڪز ۾ اڪثريت ڏياري وئي،(ن) ليگ ان کي حڪومت ٺاهڻ ڏئي.

جاويد لطيف سماجي رابطن جي ويب سائيٽ(ايڪس) تي بيان ڏنو آهي ته خدا ڪري مسلم ليگ(ن) اهو فيصلو ڪري وٺي ته جنهن کي مرڪز ۾ اڪثريت ڏياري وئي انهي پارٽي کي حڪومت ٺاهڻ جو موقعو ڏنو وڃي. اهڙي فيصلي سان ملڪ ۾ انتشار پيدا ڪرڻ جي منصوبه بندي ناڪام ٿي سگهي ٿي.

هن چيو ته جنهن ڏينهن اهو فيصلو ڪيو ويو انهي جي ٻئي ڏينهن ٻڌائيندس ته ڌانڌلي ڪنهن جي لاءِ ڪئي وئي ۽ 8 فيبروري جو ماسٽر مائينڊ ڪير هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں