50

جماعت اسلامي جي مجلس شوريٰ سراج الحق تي ڀروسي جو اظهار ڪري ڇڏيو، استعيفيٰ رد

لاهور: جماعت اسلامي جي مرڪزي شوريٰ گڏيل طور تي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جي استعيفيٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

منصوره ۾ جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ جي صدارت هيٺ مرڪزي مجلس شوريٰ جو هنگامي اجلاس ٿيو جنهن ۾ سڄي ملڪ جي مرڪزي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جي استعيفيٰ تي غور ڪيو ويو. مرڪزي مجلس شوري گڏيل طور تي استعيفيٰ کي رد ڪندي سراج الحق تي ڀروسي جو اظهار ڪيو. هاڻ سراج الحق دستور موجب پنهنجون ذميواريون جاري رکندو.

شوريٰ چيو آهي ته چونڊن ۾ ناڪامي جماعت اسلامي جي امير جي ڪري نه پر ڌانڌلي جي ڪري ٿيون آهن. چونڊن جي نتيجن کي رد ڪريون ٿا. چيف اليڪشن ڪميشن فوري طور تي استعيفيٰ ڏئي.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چونڊن ۾ گهربل ڪاميابي نه ملڻ تي امير جي عهدي تان استعيفيٰ ڏنو هو. جماعت اسلامي جي امير سراج الحق ناڪامي جي ذميواري قبول ڪئي هئي ۽ پنهنجي استعيفيٰ ۾ ڪارڪنن جي محنت کي قابل تحسين قرار ڏنو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں