45

لاڙڪاڻوآل سنڌ يونيورسٽي ايمپلائيز جو احتجاجي مظاھرو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ آل سنڌ يونيورسٽيز ايمپلائيز فيڊريشن جي سڏ تي يونيورسٽي آف لاڙڪاڻو ايمپلائيز ايسوسئيشن طرفان يونيورسٽي آف لاڙڪاڻو جي ملازمن کي گذريل ٽن مهينن جون پگهارون نه ڏيڻ خلاف قلم ڇڏ ۽ ڪم ڇڏ هڙتال احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو جتي هنن هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي ملازم اڳواڻن سراج احمد ڀٽو، عبدالجبار چانڊيو، ساحر حسين پيچوهو، فياض حسين راڄپر، حضوربخش ڏيپر، نجف علي ساريو، سيف الله چانڊيو، مظفر علي گاڏهي، سليم احمد خاصخيلي، غلام مصطفيٰ اوڍو ۽ ٻين چيو ته لاڙڪاڻو جي سڀني ڪئمپسن کي ملائي دي يونيورسٽي آف لاڙڪاڻو نالي يونيورسٽي ٺاهي وئي آهي جنهن ۾ تقريبن 500 ملازمن جون گذريل 3 مهينن کان پگهارون بند ڪيون ويون آهن جنهن ڪري ملازمن جي گهرن ۾ فاڪاڪشي جي صورتحال آهي ۽ جيڪو يونيورسٽي آف لاڙڪاڻو ۾ قائم مقام وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو آهي اهو ٻن مهينن ۾ صرف ۽ صرف ٽي ڀيرا يونيورسٽي ۾ آيو آهي ۽ هر روز اِهو آسرو ۽ ڪوڙا دلاسا ڏئي رهيو آهي ته اڄ يا سڀاڻي ملازمن جي پگهار ڪئي ويندي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته وائيس چانسلر کي هن اداري جي ڪا به پرواهه ناهي ۽ صرف ۽ صرف پنهنجو ٽائيم پاس ڪري رهيو آهي ۽ هن جي نه اچڻ جي ڪري گذريل ٽن مهينن کان يونيورسٽي جو مڪمل وهنوار بند آهي جنهن ڪري شاگردن جا ڪلاس پڻ بند آهن جنهن ڪري شاگردن ۽ يونيورسٽي جو نقصان ٿي رهيو آهي ۽ جيسيتائين اسان ملازمن جا جائز مسئلا ۽ پگهارون جاري نه ڪيون وينديون تيسيتائين يونيورسٽي آف لاڙڪاڻو ۾ مڪمل قلم ڇڏ ۽ ڪم ڇڏ هڙتال هوندي. اسين پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ لاڙڪاڻي جي چونڊيل نمائندن کي اپيل ٿا ڪيون ته هن اداري جي مالڪي ڪئي وڃي ۽ جلد کان جلد ريگيولر وائيس چانسلر مقرر ڪري اسان ملازمن جا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن ۽ جلد کان جل ملازمن جون ٽن مهينن کان رهيل پگهارون جاري ڪيون وڃن

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں