85

خيرپور ۾ گيسٽرو بي قابو، وڌيڪ 34 ٻار بيمار، انگ 162ٿي ويو

خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ گيسٽرو وگھي وڌيڪ 34 ٻارڙا اسپتال ڀيڙا ٿي ويا آھن، هفتي دوران گيسٽرو جي مرض ۾ اسپتال داخل ٿيل ٻارن جو انگ 162 ٿي ويو. گيسٽرو سبب اسپتال داخل ڪيل ٻارن ۾ ثاقب علي، خير محمد، صوبل، صدا، ڪومل، امبرين، محمد احمد، مجاهد، نورجهان، ضامن علي، رقيه ۽ ٻيا شامل آهن. گيسٽرو جي مرض سبب وڏي انگ ۾ ٻارڙن کي اسپتال داخل ڪرڻ سبب اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ برقرار آھي، هڪ بيڊ تي 2 کان ٽي ٻارڙا ستل آھن، ڊاڪٽر طارق ڀنڀرو موجب گرميءَ جي شدت ۾ اضافو ٿيندي ئي گيسٽرو جي مرض ۾ به اضافو ٿي ويو آهي، ٻارڙن کي گرميءَ کان بچائڻ سان گڏ صاف پاڻي پياريو وڃي، ڊاڪٽر طارق ڀنڀرو ٻڌايو تھ  هڪ هفتي دوران گيسٽرو جي مرض ۾ مبتلا 162 ٻارن کي اسپتال داخل ڪيو ويو جن مان ڪجهه ٻارڙا علاج بعد فارغ ڪيا ويا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں