46

ناڻي واري وزارت عيدالفطر جي موڪلن ۽ سرڪاري ملازمن کي بونس ڏيڻ جا وائرل نوٽيفڪيشن جعلي قرار ڏئي ڇڏيا

اسلام آباد: ناڻي واري وزارت عيدالفطر تي سرڪاري ملازمن کي 15 سيڪڙو بونس ڏيڻ ۽ گهرو وزارت عيدالفطر جي  موڪلن بابت سوشل ميڊيا تي وائرل نوٽيفڪيشن جعلي قرار ڏئي ڇڏيا هئا.

ناڻي واري وزارت سوشل ميڊيا تي هلندڙ بنيادي پگهار جي 15 سيڪڙو جي برابر عيد الائونس جي نوٽيفڪيشن کي جعلي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

جعلي نوٽيفڪيشن ۾ عيد جي موقعي تي گريڊ 1 کان 22 جي ملازمن کي بنيادي پگهار جو 15 سيڪڙو ڏيڻ جو چيو ويو آهي جنهن تي سيڪشن آفيسر آر ٿري فوزيه حسين جي صحيح ٿيل آهي.

ان حوالي سان ناڻي واري سيڪريٽري امدادالله وضاحت ۾ چيو ته سوشل ميڊيا تي هلندڙ بنيادي پگهار جو 15 سيڪڙو عيد الائونس جو نوٽيفڪيشن جعلي آهي. ٻئي طرف گهرو وزارت جي ترجمان وضاحت ڪئي آهي ته حڪومت عيدالفطر جي موڪلن جي حوالي سان ڪوبه فيصلو نه ڪيو آهي. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ نوٽيفڪيشن جعلي آهي.

ترجمان چيو ته حڪومت طرفان موڪلن جو فيصلو ڪرڻ کان پوءِ گهرو وزارت طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. ياد رهي ته انٽرنيٽ تي وائرل نوٽيفڪيشن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته حڪومت 9 اپريل اڱاري کان 12 اپريل جمعي تائين موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں