33

پ پ آزاد اميدوار فيصل واوڊا جي حمايت جو فيصلو ڪري ورتو

ڪراچي: متحده قومي موومينٽ پاڪستان کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي به سنڌ مان جنرل سيٽ تي آزاد اميدوار فيصل واوڊا جي حمايت جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

پ پ جي ذريعن موجب پارٽي جي قيادت طرفان 6 سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن کي فيصل واوڊا کي ووٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. فيصل واوڊا کي 6 ووٽ ڏيڻ تي پيپلز پارٽي 7 جنرل سيٽن مان 5  تي ڪاميابي حاصل ڪري سگهندي.

ان کان علاوه ايم ڪيو ايم جي قيادت به ميمبرن کي آزاد اميدوار فيصل واوڊا کي ووٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي، ياد رهي ته سينيٽ جي 12 سيٽن جي لاءِ پولنگ سنڌ اسيمبلي ۾ 2 اپريل تي ٿيندي.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ متحده قومي موومينٽ پاڪستان(ايم ڪيو ايم پاڪستان) جي اڳواڻ رئوف صديقي ۽ نجيب هارون سينيٽ چونڊن تان هٿ کڻي ويا هئا.

ڪراچي ۾ صوبائي اليڪشن ڪميشن آفيس جي ٻاهران صحافين سان ڳالهين ۾ رئوف صديقي چيو ته فيصل واوڊا کي سپورٽ ڪرڻ جو فيصلو صحيح آهي. اسان جا انهن سان سٺا لاڳاپا رهيا آهن. ها پر اهو ايم ڪيو ايم جو اميدوار آهي يا نه اهو ان کان ئي پڇڻ گهرجي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں