34

اسان ڪنهن به اميدوار کي اغوا نه ڪيو آهي، سمورا الزام بي بنياد آهن: سعيد غني

ڪراچي:پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته اسان ڪنهن به اميدوار کي اغوا نه ڪيو آهي، ان حوالي سان سمورا الزام بي بنياد آهن.

ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي سعيد غني چيو ته نوابشاهه جي سيٽ تي پيپلز پارٽي هميشه وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي رهي آهي، 2018  ۾ به پيپلز پارٽي انهي سيٽ تان وڏي اڪثريت ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.  هن چيو ته آصف علي زرداري کي نوابشاهه جي سيٽ تي 50 هزار ووٽن جي برتري هئي. پي ٽي آءِ آصفه ڀٽو جي فتح کي تڪراري بنايو. آصفه ڀٽو جي مقابلي ۾ ڪنهن به اميدوار جي ڪابه حيثيت نه آهي. جيڪڏهن  آصفه ڀٽو چونڊن ۾ حصو وٺي ها ته شايد آصف زرداري کان وڌيڪ ووٽ کڻي ها.

سعيد غني چيو ته پي ٽي آءِ جو پروپيگنڊا سيل هر شيءَ کي تڪراري بنائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. آصفه ڀٽو جي سامهون 11 اميدوارن ڪاغذ جمع ڪرايا. پ پ اڳواڻ چيو ته شير محمد رند ۽ ان جي پٽ جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيا. بلوچستان ۾ مقرور ٿيڻ تي شير محمد رند جا ڪاغذ رد ٿيا ۽ انهي نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ تي اپيل ئي داخل نه ڪئي.

هن چيو ته غلام مصطفيٰ رند حيسڪو واجبات جمع ناهن ڪرايا اهو ته اسان جي حق ۾ هٿ کڻڻ لاءِ تيار هو. اميدوار بجلي جا بل جمع ڪرائي ڇڏي ها ته سندس ڪاغذ بحال ٿي وڃن ها. اميدوار وڏي شڪست جو اندازو ڪري بل پاڻ جمع نه ڪرايا. سعيد غني وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ کي انهي مان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو. پيپلز پارٽي جڏهن اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي ته مخالفن احتجاج ڪيو.

پ پ اڳواڻ چيو ته جي ڊي اي ۽ جي يو آءِ(ف) کي سنڌ ۾ شڪست ٿي. جي يو آءِ جو ڪوبه هڪ اميدوار فارم 45 سامهون کڻي اچي ته اهو کٽيو هو.

ٻئي طرف سعيد غني سان گڏ صحافين سان ڳالهيون ڪندي سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ لنجار چيو ته سنڌ ۾ امن امان قائم ڪري ڏيکارينداسين ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ڪچي جي علائقي ۾ امن امان جا مسئلا آهن. ملتان، سکر موٽر وي بند نه آهي. شۡڪارپور، سکر، گهوٽڪي جي ايس پيز کي تبديل ڪيو آهي.

هن چيو ته ڪشمور پوليس جي ڪچي ۾ ڪارروايون جاري آهن. شهيد استاد الله رکيو جي مائٽن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. مُک جوابدارن جي گرفتاري تائين استاد جا مائٽ گرفتار رهندا. يقين ڏياريون ٿا ته مٿانهين سنڌ ۾ امن مڪمل طور تي بحال ڪنداسين.

ضياءَ لنجار وڌيڪ چيو ته پوليس جي جوانن امن قائم ڪرڻ لاءِ قربانيون ڏنيون آهن. پوليس جا حوصلا بلند ڪريو ته جيئن اهي ڪچي ۾ وڙهي سگهن. گهوٽڪي، ڪشمور ضلعن ۾ هڪ هزار پوليس نفري اماڻي رهيا آهيون. ايس ايس يو جا ڪمانڊو به مقرر ڪنداسين. حقيقتن تي ٻڌل ڳالهيون ڪرڻ جو سڀني کي اختيار آهي.

سنڌ جي گهرو وزير چيو ته ڪراچي ۾ هن وقت اهڙيون حالتون نه آهن جيڪي 2008 کان 2013 تائين هيون. اسٽريٽ ڪرائيم کي وڌائي پيش ڪيو پيو وڃي. ڪراچي ۾  اسٽريٽ ڪرائيم ۾ مارجي ويلن جي گهر ڀاتين سان دلي همدردي آهي. شهر مان اسٽريٽ ڪرائيم جا واقعا ختم ڪنداسين. جتي واقعو ٿيندو اتان جي ايس ايڇ او کي سزا ڏني ويندي. هاڻ اهو معاملو ايس ايڇ او تائين نه رهندو ان بابت آءِ جي کي ٻڌائي ڇڏيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں