28

حڪومت مهانگائي جي ستايل عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو، في ليٽر قيمت ۾ 9 روپيه 66 پئسا واڌ

اسلام آباد:  وفاقي سرڪار  مهانگائي جي ستايل عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو آهي. حڪومت طرفان پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 80 روپيه 66 پئسا اضافو ڪيو ويو آهي.

ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 3 روپيه 32 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي جڏهن ته نيون قيمتون رات 12 وڳي کان لاڳو هونديون. قيمتن ۾ اضافي کان پوءِ پيٽرول جي في ليٽر قيمت 289 روپيه 41 پئسا جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ گهٽتائي کان پوءِ في ليٽر قيمت 282 روپيه 24 پئسا ٿي وئي. قيمتون ايندڙ 15 ڏينهن تائين لاڳو رهنديون.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ اضافو آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي اوگرا جي سفارش تي ڪئي وئي.

گاسليٽ 2 روپيه 27 پئسا في ليٽر سستو ڪيو ويو جنهن کان پوءِ گاسليٽ جي نئين قيمت 186 روپيه 39 پئسا في ليٽر مقرر ٿي وئي آهي. لائٽ ڊيزل جي قيمت ۾ به 38 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ نئين قيمت 167 روپيه 80 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. 

پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان رات 12 وڳي کان ٿي ويو آهي جنهن کان پوءِ نيون قيمتون رات کان ئي لاڳو ٿي ويون آهن. جڏهن ته پيٽرول ۽ ڊيزل تي پيٽروليم ليوي 60.60 روپيه في ليٽر برقرار رهندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں