27

گهڻو وقت اڳ چيو هو شهباز جي سياست هلندي، نوازشريف جي نه: شيخ رشيد

راولپنڊي: (سومر: 01 اپريل 2024ع)  اڳوڻي گهرو وزير ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته مون گهڻو وقت اڳ چيو هو ته شهباز شريف جي سياست هلندي نواز شريف جي نه.

راولپنڊي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت جي ٻاهران صحافين سان ڳالهين ۾ شيخ رشيد چيو ته 9 مئي جي 3 ڪيسن جون 3-3 ڪاپيون اسان کي ڏنيون ويون آهن. اسان جي خلاف 9 مئي جا 17 ڪيس هلي رهيا آهن. 11 ڪيس دهشتگردي جي عدالت ۾ آهن ايندڙ ٻڌڻي تي به پيش ٿيندا.

هن چيو ته حڪومت جنهن کي هلائڻي آهي اهو هلائيندو، اسان جي خاموشي رنگ آڻيندي، اسان چاهيون ٿا ته غريب جو چلهو ٻري. پاڪستان کي اڳيان وڃڻ گهرجي ڇو ته غريب جون حالتون تمام گهڻيون خراب آهن.

شيخ رشيد چيو ته 27 رمضان تي مقتدر حلقا غريب ماڻهن لاءِ معافي جو اعلان ڪندا. اڳوڻي وزير وڌيڪ چيو ته ڪجهه وقت اڳ چيو هو ته(ن) مان(ش) نڪرندي. نوازشريف جي سياست جي جڳهه شهباز شريف ورتي آهي. مون گهڻو وقت اڳ چيو هو ته شهباز شريف جي سياست هلندي. نوازشريف جي نه.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں