25

بشام حملو: 10 کان وڌيڪ دهشتگرد، سهولتڪار گرفتار، بارود سان ڀريل گاڏي افغانستان ۾ تيار ٿيڻ جو انڪشاف

شانگلا: (سومر: 01 اپريل 2024ع) شانگلا جي علائقي بشام ۾ چيني انجنيئرز تي آپگهاتي حملي جي حوالي سان اهم انڪشاف سامهون اچي ويا آهن.

سي ٽي ڊي ذريعن موجب حملي ۾ ملوث اهم ڪمانڊر ۽ دهشتگرد نيٽ ورڪ بي نقاب ٿي ويو آهي. بشام حملي ۾ ملوث نيٽ ورڪ جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ٽي پي سان آهي. ان کان علاوه 10 کان وڌيڪ دهشتگرد ۽ انهن جي سهولتڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته آپگهاتي حملي آور جو تعلق افغانستان سان آهي. حملو ڪندڙ کي افغانستان مان آڻيندڙ ڪمانڊر کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.

گرفتار ماڻهن ۾ 4 سهولتڪار به شامل آهن. بارود سان ڀريل گاڏي افغانستان ۾ تيار ڪئي وئي هئي. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته بارود سان ڀريل گاڏي چمن جي رستي ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي دره زنده پهچائي وئي، جتي چڪدره پهچائيندڙ ڊرائيور کي اڍائي لک روپيه ڀاڙو ادا ڪيو ويو.

سي ٽي ڊي ذريعن موجب حملو ڪندڙ جي موبائل سم جي مدد سان اهم گرفتاريون ڪيون ويون. موبائل سم جنهن شخص جي نالي رجسٽرڊ هئي انهي ٻئي ماڻهو کي ۽ پوءِ ٽئين ماڻهو آپگهاتي حملو ڪندڙ کي ڏني.

جاچ ٽيم جي ذريعن ٻڌايو آهي ته حملي ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏي شانگلا جي ڀرسان پيٽرول پمپ تي 10 ڏينهن تائين 500 روپيه في ڏينهن ڀاڙي تي پارڪ ڪئي وئي هئي. ذريعن موجب آپگهاتي حملي جي ڏينهن گاڏي کي ڌماڪي واري جڳهه پهچايو ويو. گاڏي کي چمن کان چڪدره پهچائيندڙ هڪ سهولتڪار کي بلوچستان مان گرفتار ڪيو ويو.

ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته حملي جو ماسٽر مائينڊ حضرت بلال داسو ڊيم حملي ۾ به ملوث ۽ گهربل آهي. آپگهاتي حملي آور جا 2 ساٿي به گرفتار ٿيا آهن. حضرت بلال جي جلد گرفتاري ٿيڻ جو امڪان آهي. گاڏي کي نان ڪسٽم پيڊ گاڏين جي اسمگلر ذريعي چڪدره  پهچايو ويو. اسمگلر هفتي ۾ 20 کان 30 گاڏيون چمن کان چڪدره کڻي ايندو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں