25

ججز الزامن جي جاچ: جسٽس(ر) تصدق جيلاني ڪميشن جي سربراهي کان انڪار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: (سومر: 01 اپريل 2024ع) جسٽس(ر) تصدق جيلاني هاءِ ڪورٽ ججز جي آءِ ايس آءِ تي الزامن جي جاچ لاءِ ٺاهيل  جوڊيشل ڪميشن جي سربراهي کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب جسٽس(ر) تصدق حسين جيلاني خط ذريعي فيصلي کان وزيراعظم کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مناسب هوندو ته چيف جسٽس اداري جي سطح تي هن مسئلي جو فيصلو ڪري.

هن ان حوالي سان وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکي ڇڏيو آهي جنهن ۾ هن پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته مون تي ڀروسو ڪرڻ تي وزيراعظم ۽ ڪابينه جو ٿورائتو آهيان. چيف جسٽس ۽ سينئر جج جسٽس منصور علي شاهه جو  به ٿورائتو آهيان پر مان جوڊيشل ڪميشن جي سربراهي نٿو ڪري سگهان.

خط جي متن ۾ هن چيو آهي ته مان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڇهن ججز جو خط پڙهيو آهي ان معاملي تي جوڊيشل  ڪونسل يا سپريم ڪورٽ کي پاڻ ڏسڻ گهرجي. چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ انهي معاملي جو پنهنجي طريقي سان حل ڪڍي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں