36

سون چوٽ چڙهي ويو، هزارين رپيا واڌ

ڪراچي: (سومر: 01 اپريل 2024ع)  پاڪستان ۾ سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولي سون جي قيمت 2800 رپيا واڌ کانپوءِ ٻه لک 37 هزار 600 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت ڏهه گرام سون 2401 رپيا چاڙهه کانپوءِ 2 لک 3 هزار 704 رپين جو آهي.

عالمي مارڪيٽ ۾ سون في اونس سون 24 ڊالر مهانگو کانپوءِ 2211 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں