36

حافظ نعيم جي پي ايس 129 تان ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي: (سومر: 01 اپريل 2024ع) اليڪشن ڪميشن جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان جي سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 129 تان ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

نوٽيفڪيشن موجب سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 129 ڪراچي مان حافظ نعيم الرحمان مڙني اميدوارن مان سڀ کان وڌيڪ 26 هزار 296 ووٽ حاصل ڪيا.

اليڪشن ڪميشن ذريعن موجب حافظ نعيم الرحمان طرفان فارم سي جمع ڪرائڻ کانپوءِ ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.

ياد رهي ته عام چونڊن کانپوءِ حافظ نعيم ان سيٽ تان پنهنجي ڪاميابي تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں