27

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو فواد چوڌري کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد: (سومر: 01 اپريل 2024ع) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري فواد چوڌري جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، اڳوڻي وفاقي وزير طرفان وڪيل قيصر امام عدالت ۾ پيش ٿيو.

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فواد چوڌري جي ضمانت منظور ڪري ورتي ۽ کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

فواد چوڌري ضمانت تي سندس ڀاءَ فيصل چوڌري چيو ته فواد چوڌريءَ کي ڪنهن ٻئي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ جو خدشو آهي، اميد آهي ته عدالتون غيرقانوني گرفتاري کان تحفظ ڏينديون.

ياد رهي ته جهلم جي زمين بابت نيب ڪيس ۾ فواد چوڌري جڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل ۾ قيد آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں