37

ڪي پي جي وڏي وزير جي عمران خان سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات

راولپنڊي: (سومر: 01 اپريل 2024ع) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان سان خيبر پختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ ملاقات ڪئي آهي.

ذريعن موجب، علي امين گنڊاپور پي ٽي آءِ باني سان جيل ڪانفرنس روم ۾ هڪ ڪلاڪ تائين ملاقات ڪئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران پارٽي جي معاملن ۽ صوبي جي حوالي سان ڳالهه ٻول ڪئي وئي.

ذريعن موجب، ملاقات ۾ ڪجهه ڏينهن ڪڍيل ريلي ۽ ملڪي صورتحال سميت ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي به گفتگو ڪئي وئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں