26

پيٽرول کان پوءِ مهانگائي جي ستايل عوام کي بجلي جو جهٽڪو ، قيمت ۾ 2 روپيه 75 پئسا واڌ

اسلام آباد: (اڱارو: 02 اپريل 2024ع) وفاقي سرڪار عيد کان اڳ مهانگائي جي ستايل عوام کي بجلي جو زوردار جهٽڪو ڏئي ڇڏيو آهي. حڪومت سڄي ملڪ لاءِ بجلي ٻيهر مهانگي ڪري ڇڏي آهي.

نيپرا بجلي 2 روپيه 75 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. بجلي هلندڙ مالي سال جي  ٻئين ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ مهانگي ڪئي وئي آهي.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صارفين کان اضافي وصوليون اپريل، مئي ۽ جون ۾ ڪيون وينديون بجلي جي قيمت ۾ واڌ جو اعلان ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي به هوندو.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب بجلي جي قيمت وڌڻ سان صارفين تي 85 ارب 20 ڪروڙ  روپين جو اضافي بار پوندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں