28

رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني دوران عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ رڪارڊ واڌ

اسلام آباد: (اڱارو: 02 اپريل 2024ع) وفاقي شماريات کاتي طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب رمضان المبارڪ دوران عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي.

شماريات کاتي موجب مارچ 2024 ۾ مهانگائي ۾ 17 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. سالياني بنيادن تي مهانگائي جي شرح 20.7 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.

شماريات کاتي موجب شهري علائقن ۾ 21.9 سيڪڙو ۽ ڏوراهين علائقن ۾ مهانگائي 18 سيڪڙو رهي.

رپورٽ موجب گذريل مهيني ٽماٽا 52 سيڪڙو، بصر 28 سيڪڙو، پٽاٽا 24 سيڪڙو مهانگا ٿيا. فروٽ 22 سيڪڙو، ڀاڄيون 13 سيڪڙو، گوشت 4 سيڪڙو، مڱن جي دال 2 سيڪڙو مهانگي ڪئي وئي. شربت، تيار ٿيل خوراڪ، کنڊ، مصالحا، بيصڻ جي قيمتن ۾ به اضافو ٿيو.

گذريل مهيني بجلي 5.11 سيڪڙو، ٽيلر فيس 3.13 سيڪڙو، گارمينٽس 2.22 سيڪڙو مهانگا ٿيا. موٽر فيول ۽ دوائن جي قيمتن ۾ به رڪارڊ اضافو ڪيو ويو. مارچ ۾ ڪڪڙ جو گوشت، ڪوڪنگ آئل، آنا، ڪڻڪ، اٽو، گيهه، بيڪري، خشڪ ميوا سستا ٿيا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں