34

سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي، پ پ سينيٽ جون 12 سيٽون کٽيندي: مراد علي شاهه

ڪراچي: (اڱارو: 02 اپريل 2024ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ڪجهه وقت کان خراب آهي، امن امان جي صورتحال اسان جي اڳوڻي دور ۾ به بهتر نه هئي.

سينيٽ چونڊن جي موقعي تي سنڌ اسيمبلي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته جنهن سان مقابلو ڪرڻو هو اهي بائيڪاٽ ڪري ويا پ پ سموريون 12 سيٽون کٽي ويندي.

هن چيو ته سنڌ جي گورنر سان 4 ڏينهن اڳ ملاقات ٿي هئي. امن امان جي حوالي سان اسان کي ڪي به خدشا نه هئا. مراد علي شاهه چيو ته امن امان جي صورتحال اڳ به بهتر نه هئي، جنوري فيبروري ۾ ڏوهن ۾ اضافو ٿيو آهي ان جي خلاف قدم کنيا پيا وڃن. انشاءَالله بدامني تي ڪنٽرول ڪري وٺنداسين.

وڏي وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال اسان جي اڳوڻي دور ۾ به بهتر نه هئي. نگران حڪومت جي دور ۾ امن امان جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي صوبي ۾ اسان امن قائم ڪري ڏيکارينداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں