28

سينيٽ چونڊون: اسلام آباد جي سيٽن تي حڪومتي اتحاد جا ڊار ۽ رانا محمود ڪامياب

اسلام آباد: (اڱارو: 02 اپريل 2024ع) اسلام آباد جي سينيٽ لاءِ ٽيڪنو ڪريٽ ۽ جنرل سيٽن تي حڪومتي اتحاد جا اميدوار پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ رانا محمود ڪامياب ٿي ويا آهن.

اسلام آباد جي جنرل وٽيڪنو ڪريٽ سيٽ تي 2-2 اميدوار آمهون سامهون هئا. ٽيڪنو ڪريٽ جي سيٽ تي اسحاق ڊار جو مقابلو سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار راجا انصر محمود جڏهن ته جنرل سيٽ تي حڪومتي اتحاد جي رانا محمود الحسن جو مقابلو سني اتحاد ڪائونسل جي فرزند علي شاهه سان هو.

سينيٽ چونڊن ۾ قومي اسيمبلي جي 310 ميمبرن ووٽ جو حق استعمال ڪيو.  حڪومتي اتحاد جي اميدوار اسحاق ڊار سينيٽ جي ٽيڪنو ڪريٽ ۽ جنرل سيٽ تي رانا محمودالحسن سينيٽ جا ميمبر چونڊجي ويا.

اسحاق ڊار 222 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. ان جي مقابلي ۾ اميدوار راجا انصر محمود کي 81 ووٽ مليا. 5 قومي اسيمبلي جي ميمبرن جا ووٽ رد ٿيا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں