26

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 8 ججن کي پائوڊر سان ڀريل ڌمڪين وارا خط لکيا ويا

اسلام آباد: (اڱارو: 02 اپريل 2024ع) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سميت 8 ججن پائوڊر سان ڀريل ڌمڪين وارا خط لکيا ويا آهن جنهن تي پوليس ماهرن کي طلب ڪري ورتو آهي.

رپورٽ موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججز جي حوالي سان هڪ نئون واقعو سامهون آيو آهي. عدالتي ذريعن موجب انهن کي پائوڊر سان ڀريل خط اماڻيا ويا آهن. ٻن ججن جي عملي خط کوليا ته انهن جي اندر پائوڊر موجود هو. خط کولڻ کان پوءِ اکين ۾ جلن شروع ٿي وئي. متاثر اهلڪار فوري طور تي سينيٽائيزر استعمال ڪيو ۽ منهن هٿ ڌوتو.

خط ملڻ تي اسلام آباد پوليس جي ايڪسپرٽس ٽيم اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي وئي جنهن خط جي اندر ملندڙ پائوڊر جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.  عدالتي ذريعن ٻڌايو آهي ته خط جي اندر ڊيڄاريندڙ ڌمڪين وارا نشان به موجود آهن. ڪنهن عورت بنا پنهنجي ايڊريس لکڻ جي خط هاءِ ڪورٽ جي ججن ڏانهن اماڻيا آهن. اٺ شڪي خط مليا آهن اهي خط چيف جسٽس عامر فاروق سميت 8 ججن کي اماڻيا ويا آهن. خط ريشم زال وقار حسين نالي عورت لکيو آهي.

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس عامر فاروق خط ملڻ جي تصديق ڪري ڇڏي ۽ چيو آهي ته اسان کي خط مليا آهن اڄ جي ٻڌڻي ۾ دير جو سبب اهوئي هو. بنيادي طور تي هاءِ ڪورٽ کي ٿريٽ ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آءِ جي اسلام آباد پوليس ۽ ڊي آءِ جي سيڪيورٽي کي فوري طور تي طلب ڪري ورتو ججز کي ملندڙ شڪي خط ڪائونٽي ٽيررازم ڊپارٽمنيٽ جي حوالي ڪيا ويا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں