55

سارا علي خان فوٽوگرافرن تي ڏمري پئي

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا سارا علي خان ضرورتمندن ۾ کاڌو ورهائيندي پنهنجي وڊيو رڪارڊ ڪرڻ تي ڪاوڙ ڪئي آهي.

سوشل ميڊيا جي مختلف پيجز تي سارا علي خان جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آيه جنهن ۾ هوءَ ممبئي جي علائقي جوهو جي مشهور شاني مندي جي سامهون ويٺل ضرورتمندن ۾ کاڌو ورهائيندي نظر آئي.

ان وچ ۾ فوٽوگرافرن جي مشهور گروپ ”پاپارازي“ جو سندس وڊيو رڪارڊ ڪرڻ کيس پسند نه آيو. سارا علي خان ڪاوڙ ۾ اچي فوٽوگرافرن کان وڊيوز رڪارڊ نه ڪرڻ جي منٿ ڪئي جنهن کانپوءِ انهن ڪيمرا بند ڪري ڇڏيا.

اداڪارا جي اها وڊيو سوشل ميڊيا تي ڏاڍي پسند ڪئي وئي آهي ۽ سندس تعريف هلي رهي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں