27

9 مئي ڪيسن ۾ عمران خان جي بريت لاءِ درخواست داخل

اسلام آباد: (اربع: 03 اپريل 2024ع) 9 مئي ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي بريت لاءِ درخواست داخل  ڪئي وئي آهي.

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ باني جي خلاف کهنه ٿاڻي ۾ داخل 9 مئي جي واقعن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پي ٽي آءِ باني جو وڪيل نعيم پنجوتها پيش ٿيو ۽ هن عمران خان جي بريت جي درخواست داخل ڪئي.

جوڊيشل مئجسٽريٽ صهيب بلال پڇاڻو ڪيو ته پي ٽي آءِ باني جي خلاف ڪيس جو چالان جمع ٿي ويو آهي، عمران خان ڪيترا ڪيسز رهن ٿا؟

عمران خان جي وڪيل نعيم پنجوتها چيو ته پي ٽي آءِ باني جي توشه خانه جي سزا معطل ٿي چڪي آهي، عدت ۾ نڪاح، سائفر ڪيس ۾ سزائون اڃان باقي آهن، جڏهن ته 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ ضمانت ڪرائي ڇڏي آهي.

جنهن کان پوءِ عدالت پي ٽي آءِ باني جي بريت جي درخواست تي نوٽيس جاري ڪندي 15 مئي تي دليل طلب ڪري ورتا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں