28

سپريم ڪورٽ ۾ ججز جي خط واري معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي جاري

اسلام آباد: (اربع: 03 اپريل 2024ع) سپريم ڪورٽ ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججز جي خط واري معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي جاري آهي.

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 7 رڪني بينچ پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ڪري رهيو آهي. بينچ ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس اطهر من الله، جسٽس مسرت بلالي ۽ جسٽس نعيم اختر افغان به شامل آهن.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز عدليه جي معاملن ۾ ڳجهن ادارن جي مداخلت جا الزام لڳايا هئا. وفاقي حڪومت طرفان معاملي جي جاچ لاءِ جسٽس(ر) تصدق حسين جيلاني جي سربراهي ۾ انڪوائري ڪميشن قائم ڪيو ويو هو، پر جسٽس(ر) تصدق حسين جيلاني ڪميشن جي سربراهي کان معذرت ڪري ورتي هئي.

جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ معاملي جو  پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو جڏهن ته مختلف وڪيلن ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ بار به ان حوالي سان آئيني درخواستون داخل ڪري رکيون آهن.

ٻڌڻي جي شروعات تي وڪيل حامد خان چيو ته اسان لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي طرفان هڪ پٽيشن ڪالهه داخل ڪئي آهي. لاهور بار سڀني کان وڏي بار آهي جنهن پٽيشن داخل ڪئي آهي جنهن تي چيف جسٽس پاڪستان چيو ته حامد خان اوهان کان وڌيڪ قانون ڪير ڄاڻي ٿو، هاڻ اهو زمانو ويو جڏهن چيف جسٽس جي مرضي هوندي هئي، هاڻ 3 رڪني ڪميٽي آهي جيڪا ڪيسز جو فيصلو ڪندي آهي، نه ڪميٽي کي عدالت جو اختيار استعمال ڪرڻ  گهرجي نه عدالت کي ڪميٽي جو  اختيار استعمال ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته ڪميٽي کي عدالت ۽ عدالت کي ڪميٽي جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي. اڄڪلهه اسان گوبلز جو زمانو واپس آڻي رهيا آهيون پروپيگنڊا!(جوزف گوبلز هٽلر جو پروپيگنڊا وزير هو)

چيف جسٽس وڪيل حامد خان کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان جيڪڏهن ڪا درخواست داخل ڪئي آهي ته ڪميٽي کي ٻڌايو پٽيشن فائل ٿيڻ کان اڳ اخبارن ۾ ڇپجي وينديون آهن ڇا اهو سڀ ڪجهه دٻاءُ جي لاءِ آهي؟ مان ته ڪنهن جي به دٻاءُ ۾ نه ايندو آهيان.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته اڄڪلهه نئين شيءَ شروع ٿي وئي آهي، وڪيل چئي رهيا آهن پاڻمرادو نوٽيس وٺو جيڪو وڪيل پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ان کي وڪالت ڇڏڻ گهرجي. هن چيو ته جمهوريت جي اها گهرج آهي ته اوهان مڃي وٺو ته مخالفت کٽي وئي آهي، مان انفرادي طور تي وڪيلن  سان ناهيان ملندو. بار جي نمائندي جي طور تي ملندو آهيان.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں