28

حلف نه کڻڻ تي توهين عدالت جي درخواست: ڪي پي ڪي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر کي نوٽيس جاري

پشاور: (اربع: 03 اپريل 2024ع) عدالت مخصوص سيٽن تي حلف نه کڻڻ تي توهين عدالت جي درخواست تي خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن تي ميمبرن کان حلف نه کڻڻ جي حوالي سان توهين عدالت جي درخواستن تي ٻڌڻي پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ايس ايم عتيق شاهه ۽ جسٽس سيد ارشد علي تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ڪئي.

عدالت صوبائي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر کي نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي جواب طلب ڪري ورتو.

درخواستگذار طرفانه موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عدالت مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن کان حلف کڻڻ جو حڪم ڏنو، ان جي باوجود حلف نه ورتو ويو. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي جنهن تي صوبائي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي خلاف عدالتي ڪارروائي ڪئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں