29

پي ٽي آءِ باني تي جيل ۾ ماهوار 12 لک روپيه خرچ اچي رهيو آهي: ايڊووڪيٽ جنرل

لاهور: (اربع: 03 اپريل 2024ع) پنجاب جي ايڊووڪيٽ جنرل چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان تي جيل ۾ ماهوار 12 لک روپيه خرچ اچي رهيو آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ باني کي جيل ۾ مڪمل سيڪيورٽي ڏيڻ جي  لاءِ درخواست تي ٻڌڻي ٿي.  لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان تحريڪ انصاف لائرز فورم جي صدر افضال عظيم پاهٽ طرفان داخل ڪئي وئي، درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جيل اختيارين سيڪيورٽي خدشن سبب پي ٽي آءِ باني جي ملاقاتن تي پابندي لڳائي رکي آهي. پي ٽي آءِ باني جي حياتي کي جيل ۾ خطرو آهي، اڳوڻي وزيراعظم جي زندگي کي مڪمل تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ايڊووڪيٽ جنرل صاحب گريس جو مظاهرو ڪيو هو ته هو انهي معاملي تي اپڊيٽ ڏيندو جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته مون ڄاڻ گڏ ڪئي آهي ۽ مان وڌيڪ ڄاڻ وٺي آيو آهيان.

ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته پي ٽي آءِ باني کي هڪ سيل ۾ رکيو ويو آهي، ان جي چوڌاري 6 سيل به ان جي لاءِ مختص آهن، پي ٽي آءِ باني جي لاءِ اسان 7 سيل رکيا آهن. ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته اڊيالا جيل ۾ 10 ماڻهن جي لاءِ هڪ سيڪيورٽي اهلڪار مقرر آهي پر پي ٽي آءِ باني جي لاءِ اسان 14 سيڪيورٽي اهلڪارن کي مقرر ڪري رکيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم جو کاڌو هڪ اسپيشل ڪچن مان ويندو آهي. انهي ڪچن ۾ ڪنهن ٻئي جي لاءِ ڪجهه به نه ٺهندو آهي. جنهن تي پي ٽي آءِ باني جي وڪيل چيو ته  پنجاب جي ايڊووڪيٽ جنرل جيڪو ڪجهه ٻڌايو آهي ته ان تي اسان خوش ٿي ويا آهيون. پنجاب جي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته  پي ٽي آءِ باني جي لاءِ اسان سي سي ٽي وي ڪيمرا به لڳرايا آهن، ڪيمرا لڳائڻ تي 5 لک روپين جو خرچ آيو آهي. پي ٽي آءِ باني تي ماهوار 12 لک روپين جو خرچ اچي رهيو آهي. جنهن تي پي ٽي آءِ جي وڪيل اسد منظور چيو ته پي ٽي آءِ باني سان ملڻ ئي نٿو ڏنو وڃي. عمران خان جي گهر واري ان حوالي سان درخواست به داخل ڪري رکي آهي.

چيف جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان ريمارڪس ڏنا ته شاهه کان وڌيڪ شاهه جو وفادار بنجڻ جي ضرورت نه آهي، اهو وڏو اهم معاملو آهي اسان انهي معاملي ۾ هر ڪنهن کي اجازت نٿا ڏئي سگهون.

چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته اسان درخواستگذار افضال پاهٽ صاحب جي عزت ڪريون ٿا، سموري پاڪستان ۾ پي ٽي آءِ جا چاهيندڙ آهن، پارٽين ۾ خبر نه آهي ته ڪير ڪير ماڻهو آهن جنهن کان پوءِ عدالت پي ٽي آءِ باني کي جيل ۾ مڪمل سيڪيورٽي ڏيڻ جي لاءِ داخل درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي عيد کان پوءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں