24

ڪراچي: بجلي چوري ۾ ملوثن خلاف ڪارروائي، غيرقانوني ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا

ڪراچي : ڪراچي ۾ بجلي چوري ۾ ملوثن خلاف ڪارروايون ڪندي غيرقانوني ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا.
اينٽي ڪرپشن سرڪل پاران پير آباد ۽ موٽورولا وارن علائقن ۾ ڪارروايون ڪيون ويون، ڪي اليڪٽرڪ عملدارن موقعي تي موقعي تي غيرقانوني ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا.
غيرقانوني ڪنيڪشنز لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪيبلز ۽ ٻيا اوزار قبضي ۾ ورتا ويا جڏهن ته جوابدارن خلاف انڪوائريز داخل ڪيون ويون.
ايف آءِ اي ترجمان موجب ڪي اليڪٽرڪ عملدارن جي رپورٽ جي روشني ۾ وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
بجلي چوري ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت ڪارروايون ڪيون پيون وڃن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں