26

ايڪس بندش وارو معاملو، عدالت گهرو سيڪريٽري کي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايڪس جي بندش خلاف درخواست تي گهرو سيڪريٽري کي 17 اپريل تي طلب ڪري ورتو آهي.
ايڪس جي بندش خلاف صحافي احتشام عباسي جي درخواست تي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عامر فاروق ٻڌڻي ڪئي.
جوائنٽ گهرو سيڪريٽري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي رپورٽ جمع ڪرائي.
چيف جسٽس عامر فاروق سوال ڪيو ته گهرو وزارت کان آيا ته آهيو، هاڻي ڏسون ٿا ڇا کڻي آيا آهيو.
جوائنٽ سيڪريٽري چيو ته سيڪيورٽي ايجنسيز جي رپورٽ تي سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس بند ڪئي وئي هئي آهي.
چيف جسٽس عامر فاروق جوائنٽ سيڪريٽري جي رپورٽ غير تسلي بخش قرار ڏيندي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ريمارڪس ڏنا ته اڳڪٿين تي ٻڌل رپورٽ آهي جنهن ۾ سبب بيان ناهي ڪيو ويو، قومي سلامتي جو ڪو خطرو هجي ته ان جا سبب ته ٻڌايو. اليڪشن ٿي وئي آهي، هاڻي بس ختم ڪريو، گهرو سيڪريٽري کي اچڻ ڏيو، پوءِ ڏسون ٿا، سڄي دنيا ۾ اسان جي بدنامي ٿي رهي آهي، ايڪس بندش خلاف ٻين عدالتن ۾ به ڪيس آهي، ڏسون ٿا ڪير پهريان ايڪس کولرائي ٿو.
چيف جسٽس چيو ته هر اداري ۾ بدنيتي آهي، گهرو سيڪريٽري کي گهرائيندس تڏهن ڪجهه ٿيندو.
جوائنٽ گهرو سيڪريٽري چيو ته هڪ موقعو ڏيو، اعليٰ عملدارن کي نه گهرايو، عدالت هڪ موقعو ڏئي.
چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته ڇا ڪريون، اوهان ڪا شئي آندي ئي ناهي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں