30

پي آءِ اي کي خانگائڻ جو عمل تيز، ڪميشن اهليت جي معيار جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد : حڪومت قومي ايئر لائن پي آءِ ايَ کي خانگائڻ جو عمل تيز ڪري ڇڏيو آهي.
نجڪاري ڪميشن بورڊ پي آءِ اي کي خانگائڻ لاءِ اهليت جي معيار جي منظوري ڏئي ڇڏي.
نجڪاري ڪميشن بورڊ طرفان پي آءِ اي کي خانگائڻ لاءِ اهليت جي معيار جي منطوري ڏيڻ کانپوءِ هڪ ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي آهي، پري ڪواليفڪيشن ڪميٽي واڪ لڳائيندڙ جي اهليت جي معيار لاءِ قائم ڪئي وئي آهي.
پي آءِ اي جي نيلامي لاءِ واڪ لڳائيندڙ جي ڪاروبار جي ماليت گهٽ ۾ گهٽ ٽيهه ارب رپيا هئڻ قرار ڏني وئي آهي جڏهن ته واڪ لڳائڻ واري ڪنسورشيم کي مجموعي سالياني آمدني ٻه سئو ارب رپيا ظاهر ڪرڻي پوندي.
سول ايوي ايشن ايڪٽ تحت غير ملڪي ايئر لائين پاڪستاني ايئر لائين جا اڪثريتي شيئرز حاصل نٿي ڪري سگهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي مقامي سيڙپڪارن سان ڀائيواري ڪرڻي پوندي.
حڪومت وٽ پي آءِ اي جا 96 شيئرز موجود آهن، 24 جون تائين پي آءِ اي کي خانگائڻ وارو عمل مڪمل ڪيو ويندو، نجڪاري ڪميشن موجب 51 کان سئو سيڪڙو شيئرز حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏئي سگهجي ٿي.
واضح رهي ته آءِ ايم ايف پي آءِ کي هلندڙ مالي سال ۾ خانگائڻ جي شرط رکي آهي.
نجڪاري ڪميشن ٻڌايو ته 2023ع ۾ پي آءِ ايَ ۾ 2 ڪروڙ کان وڌيڪ مسافرن سفر ڪيو، قومي ايئر لائن ساليانو 50 لک کان وڌيڪ مسافرن کي 34 ملڪن ڏانهن وٺي ويندي آهي.
نجڪاري ڪميشن چيو ته پي آءِ ايَ وٽ 97 منافعي وارا روٽ آهي، هڪ هفتي ۾ 260 اڏامون آپريٽ ٿينديون آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں