107

اعتڪاف ۾ ويٺل نوجوان جي 13 ورهين جي نينگر سان مبينه بدفعلي، ڪيس داخل

ڪوٽ ادو:  ڪوٽ ادو ۾ اعتڪاف ۾ ويٺل نوجوان 13 ورهين جي نينگر کي مبينه طور تي بدفعلي جو نشانو بنائي ڇڏيو.

متاثر ٻارڙي پوليس کي بيان ڏنو ته جوابدار اعتڪاف جي دوران  مون سان بدفعلي ڪئي. جوابدار منهن تي هٿ رکي بدفعلي جو نشانو بنايو جنهن جي ڪري مان رڙيون به نه ڪري سگهيس.

متاثر ٻارڙي جي والد جي مدعيت ۾ جوابدار جي خلاف زيادتي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ  لاءِ جوابدار کان پڇاڳاپا شروع ڪري ڇڏي آهي.

ٻئي طرف والد جي مدعيت ۾ داخل ڪيس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مسجد جي قاري فون ڪري اچڻ جو چيو مان جڏهن پهتس ته ٻارڙي ٻڌايو ته جوابدار واش روم ۾ مون کي بدفعلي جو نشانو بنايو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں