103

پ پ جي باني چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي اڄ 45هين ورسي ملهائي پئي وڃي

ڪراچي: (خميس: 04 اپريل 2024ع) پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 45هين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي، رمضان المبارڪ جي احترام  سبب سڄي ملڪ ۾ سادگي سان تقريبون منعقد ڪيون وينديون.

تفصيل موجب ملڪ کي پهريون گڏيل آئين ڏيندڙ اڳوڻو وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو 5 جنوري 1928ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو هن يونيورسٽي آف سدرن ڪيليفورنيا ۽ آڪسفورڊ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي ۽ وڪالت جو پيشو اختيار ڪيو.

ذوالفقار علي ڀٽو 1967ع ۾ پيپلز پارٽي جي بنياد رکي ۽ روٽي، ڪپڙا مڪان جو نعرو هنيو. مختصر وقت  ۾ هن عوام ۾ مشهوري حاصل ڪئي ۽ عام چونڊن ۾ عوام جو ڀروسو حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. هو سڪندر مرزا جي ڪابينه جو ميمبر ۽ ايوب خان جي دور ۾ پرڏيهي وزير بڻيو.

پ پ باني جي اقتدار واري دور ۾ پاڪستان جو آئين ٺاهيو ويو. ايٽمي پروگرام شروع ٿيو، اسٽيل مل ۽ قومي پيداوار جا اهم ادارا ٺهيا. جنهن کان پوءِ 4 اپريل 1979ع  جي ڏينهن ذوالفقار علي ڀٽو کي عدالتي حڪم تي ڦاهي ڏئي عوام جي اميدن کي ختم ڪيو ويو.

هلندڙ ڏينهن دوران صدارتي ريفرنس تي ذوالفقار علي ڀٽو کي ملڪ جي سڀني کان وڏي عدالت بيگناهه ته قرار ڏنو پر کيس انصاف اڃان تائين نه ملي سگهيو آهي. ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي تي رمضان المبارڪ جي احترام ۾ جلسي جي بجاءِ سڄي ملڪ ۾ پ پ جي ضلعي هيڊ ڪوارٽرز ۾ قرآن خواني ۽ فاتح خواني ڪئي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں