34

ملڪ جي هلندڙ صورتحال دوران منهنجي خاموشي اهم آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد: (خميس: 04 اپريل 2024ع) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته ملڪ جي هلندڙ صورتحال ۽ موجوده حالتن ۾ منهنجي خاموشي وڌيڪ اهم آهي.

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد ڊسٽرڪٽ ڪورٽ اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو آهي ته حوصلا، صبر، استحڪام ۽ خاموشي سان اهڙن سمورن معاملن کي حل ڪرڻ گهرجي. منهنجي مٿان 19 ڪيسز آهن ۽ انشاءَالله بهتري ٿيندي.

عام چونڊن جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته مون کي شڪست ملي ۽ مون عام چونڊن کي به مڃيو، جيڪي چونڊن ۾ کٽيا آهن انهن کان ڌانڌلي جي باري ۾ به پڇيو.

شيخ رشيد چيو آهي ته خطن کي جج پاڻ بهتر طور تي بحث هيٺ آڻي رهيا آهن. اهو تمام سيريس معاملو آهي. هي اهم ۽ حساس مسئلو آهي ان تي وڌيڪ ڳالهيون نه ڪرڻ بهتر هوندو آهي.

اڳوڻي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته حڪومت ڇا ڪري رهي آهي مون کي ڪابه خبر نه آهي. نه ٽي وي ڏسي رهيو آهيان نه اخبار پڙهي رهيو آهيان ۽ نه ٽوئٽ ڪري رهيو آهيان مان صرف آرام ڪري رهيو آهيان ڇو ته هلندڙ صورتحال دوران آرام ئي بهترين ڪم آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں