94

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شيرين مزاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: (خميس: 04 اپريل 2024ع) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزارين جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

جسٽس ثمن رفعت امتياز ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. اڳوڻي وفاقي وزير پنهنجي وڪيل سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿي.

نيب پراسيڪيوٽر رافع مقصود چيو ته اسان شيرين مزاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي سفارش ڪري ڇڏي هئي. رافع مقصود موجب شيرين مزاري 190 ملين پائونڊ نيب ڪيس ۾ نامزد نه آهي.

اسسٽنٽ اٽارني جنرل چيو ته اسان 27 مارچ تي وزيراعظم کي خط لکي اطلاع ڏني هئي ته شيرين مزاري هن ڪيس ۾ ملوث نه آهي. جنهن تي جسٽس رفعت امتياز چيو ته ڪابينه وٽ ٻيا به گهڻا ڪم هوندا آهن هي ڪم اسان ٿا ڪري ڇڏيون.

جنهن کان پوءِ عدالت اڳوڻي پي ٽي آءِ اڳواڻ جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏيندي درخواست اڪلائي ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں