53

ٿرپارڪر ۾ غذائي کوٽ ۽ مختلف بيمارين ۾ مبتلا وڌيڪ 3 ٻار حياتي وڃائي ويٺا

مٺي: (خميس: 04 اپريل 2024ع) ٿرپارڪر ۾ غذائي کوٽ ۽ مختلف بيمارين ۾ مبتلا 3 ٻارن مٺي جي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.

صحت کاتي موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ غذائي کوٽ ۽ مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي فوت ٿيل 3 ٻارن جون عمرون هڪ سال جي وچ ۾ آهن.

بيمارين وگهي فوت ٿي ويل ٻارن جو تعلق ٿرپارڪر جي ڏوراهين علائقن سان آهي جڏهن ته هلندڙ سال فوت ٿيل ٻارن جو انگ 122 ٿي ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں