32

وزيراعظم جو ججن کي ملندڙ ڌمڪي جوڳن خطن جي جاچ ڪرائڻ جو اعلان

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ججن کي ملندڙ ڌمڪي جوڳن خطن جي جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ججن کي شڪي خط ملڻ جي جاچ ٿيندي، ججن کي موصول ٿيندڙ خطن ۾ شڪي پائوڊر تي جاچ جاري آهي، حڪومت پوري ذميواري سان معاملي جي جاچ ڪرائيندي.
هن چيو ته هي سنجيدا معاملو آهي جنهن تي سياست بدران ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.
وزيراعظم اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن طرفان لکيل خط بابت چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ٿيل ملاقات جي روشني ۾ ڪابينا جي منظوريءَ سان انڪوائري ڪميش ٺاهيو.
هن چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس تصدق حسين جيلاني جي مشاورت ۽ اجازت سان انڪوائري ڪميشن نوٽيفاءِ ڪيو، بعد ۾ جسٽس تصديق جيلاني انڪوائري ڪميشن جي سربراهي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
وزيراعظم چيو ته هاڻي سپريم ڪورٽ معاملي تي پاڻمرادو ڪارروائي ڪري رهي آهي، ڪالهه سپريم ڪورٽ ان معاملي جي ٻڌڻي ڪئي آهي، اسان پنهنجي ذميواري نڀائي، بال هاڻي عدالت جي ڪورٽ ۾ آهي.
معيشت بابت وزيراعظم جو چوڻ هو ته ملڪي معيشت استحڪام ڏانهن وڌي رهي آهي، معاشي انگ اکرن ۾ بهتري ۽ مهانگائي ۾ هوريان هوريان گهٽتائي اچي رهي آهي، معاشي استحڪام سان ئي غربت جو خاتمو ممڪن آهي، غريب ۽ بيروزگاري جو خاتمو حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.
وزيراعظم چيو ته هلندڙ مهيني آءِ ايم ايف وٽان ايندڙ قسط ملي ويندي جڏهن ته آءِ ايم ايف جي نئين پروگرام لاءِ ناڻي واري وزير جي ميٽنگ ٿيندي، آءِ ايم ايف پروگرام لاءِ شرط آسان نه هوندا، پر پروگرام معيشت جي بحالي لاءِ اڻٽر آهي.
هن چيو ته پي آءِ اي جي خانگائڻ جي شيڊيول تي مڪمل عملدرآمد ٿيندو، هوائي اڏن واري معاملي تي ترڪ ڪمپني جو وفد پاڪستان ايندو.
سندس چوڻ هوته امڪاني سيڙپڪاڙن کي پاڪستان آڻڻ جو طئي ڪيو هو، هوائي اڏن جي آئوٽ سورسنگ جو ڪم جاري آهي، ڪراچي ۽ لاهور جي ايئرپورٽن کي عالمي معيار جون سهولتون متعارف ڪرايو وينديون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں