29

گهوٽڪي:پٺاڻ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، 2 زخمي

گهوٽڪي: گهوٽڪي مين چوڪ سٽي ۾ پٺاڻ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو قتل جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پٺاڻ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران اسسٽنٽ مختيارڪار آغا نشان پٺاڻ ٿڏي تي قتل ٿي ويو جڏهن ته پوليس اهلڪار لالا شعيب پٺاڻ ۽ لالا اظهر پٺاڻ زخمي ٿي پيا. لاش ۽ زخمين کي تعقله اسپتال گهوٽڪي پهچايو ويو.

زخمي پوليس اهلڪار جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جنهن کي وارث کڻائي رحيم يار خان روانا. ٿي ويا. وڌيڪ جھيڙو ڇا جي لاءِ ٿيو آهي ان جي پوليس پاران تصديق ڪئي پئي وڃي.

هوڏانهن ذريعن کان ڄاڻ ملي آهي ته جهيڙو گهٽي ۾ بجلي جي تارن واري معاملي تان ٿيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں